آمريڪا هڪ ٻئي وڏي چيني ڪمپني مٿان پابندي لڳائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو

واشنگٽن: آمريڪا هواوي تي سنگين پابندين کان پوءِ هڪ ٻئي وڏي چيني ڪمپني تي پابندي لڳائڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.
آمريڪا ۽ چين جي ڪاروباري ڇڪتاڻ سبب اڳ ئي هواوي، ٽڪ ٽاڪ سميت ڪيتريون ئي چيني ڪمپنيون هن وقت آمريڪي ريڊار تي آهن. آمريڪا دنيا جي وڏي ٽيڪنالاجي ڪمپنين مان هڪ هواوي تي به آمريڪي ٽيڪنالاجي مصنوعات مثال طور گوگل ميوزڪ ۽ ٻئي اسمارٽ فون سروس تائين پهچ روڪي ڇڏي هئي.
هاڻ آمريڪي بچاءُ واري وارت تصديق ڪئي آهي ته ادارن طرفان چين جي سڀني کان وڏي چپ ڪمپني سيمي ڪنڊڪٽر مينوفيڪچرنگ انٽرنيشنل ڪارپ(ايس ايم آءِ سي) کي بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪري آمريڪي ڪمپنين سان گڏ واپار تي به پابندي بابت صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن.
جيڪڏهن پابندي لاڳو ٿي وئي ته ايس ايم آءِ سي کي به سخت نقصان پهچندو ڇو ته هو چپس جي تياري ۽ آزمائش جي لاءِ آمريڪي پرزن کان محروم ٿي ويندا. رپورٽ ۾ ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته اهڙن امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن ته ايس ايم آءِ سي امڪاني طور تي چين جي بچاءُ واري اسٽرڪچر ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔