’گليشئر پگهرڻ جو اهم سبب جبل چاڙهن جو پيشاب آهي‘

ڪراچي: ايورسٽ بيس ڪيمپ ۾ ٻارڻ جي استعمال ۽ گليشيئر تي سڌي طرح پيشاب ڪرڻ سبب هر سال لڳ ڀڳ 2 هزار 500 ٽن برف ۽ برفاني گليشيئر پگهرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
برطانوي اداري انڊيپنڊنٽ جي رپورٽ موجب، دنيا جي بلند ترين چوٽي مائونٽ ايورسٽ جي نيپال واري پاسي قائم بيس ڪيمپ ۾ انساني سرگرميون گليشيئر تي نمايان اثر وجهي رهيون آهن.
عالمي ماهرن جي هڪ ٽيم نيپال جي خمبو گليشيئر جو مطالعو ڪيو، جتي ايورسٽ بيس ڪيمپ قائم آهي.
تحقيق جا نتيجا سائنسي جرنل ريجنل انوائرنمينٽل چينج ۾ شايع ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بهار جي جبل چڙهڻ واري موسم دوران هزارين جبل چاڙهن، گائيڊ ۽ معاون عملو بيس ڪيمپ تي گڏ ٿين ٿا.
ان عرصي دوران بيس ڪيمپ ۾ ايسپريسو ڪافي، وڏي اسڪرين وارا ٽي وي، تيز رفتار انٽرنيٽ، گرم شاور ۽ خيمن جي فرش کي گرم رکڻ جهڙيون سهولتون به موجود هونديون آهن.
تحقيق موجب، 2023ع جي بهار جي 50 ڏينهن واري سيزن دوران بيس ڪيمپ ۾ لڳ ڀڳ 1,600 خيمن کي هلائڻ لاءِ 824 ڪين مائع پيٽروليم گيس (ايل پي جي)، 18 هزار 935 ليٽر گاسليٽ ۽ 5 هزار 130 ليٽر پيٽرول استعمال ڪيو ويو.
هي ٻارڻ کاڌو پچائڻ، گرمي حاصل ڪرڻ ۽ بجلي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيو. محققن موجب، ٻارڻ ۽ انساني پيشاب مان پيدا ٿيندڙ گرمي کي گڏ ڪرڻ سان مجموعي توانائي جو اخراج 8 لک 49 هزار 174 ميگا جولز تائين پهچي ويو.
تحقيق ۾ اندازو لڳايو ويو آهي ته ايتري توانائي لڳ ڀڳ 2 هزار 492 ٽن برف ۽ گليشيئر کي پگهرائڻ لاءِ ڪافي آهي. محققن ان تخميني ۾ ممڪنه گهٽ وڌ به بيان ڪيو آهي، جنهن موجب پگهرندڙ برف جو مقدار 1 هزار 964 کان 3 هزار 20 ٽن جي وچ ۾ ٿي سگهي ٿو.
تحقيق موجب، ايتري مقدار ۾ پگهرندڙ پاڻي اولمپڪ سائيز جي هڪ سوئمنگ پول کي ڀرڻ لاءِ ڪافي هوندو، جڏهن ته ان کي لڳ ڀڳ 83 ٽينڪر ٽرڪن يا 16 هزار 700 عام غسل خاني جي ٽبن جي برابر به قرار ڏنو ويو آهي.
پيشاب به برف پگهرائڻ جو اهم ذريعو
تحقيق ۾ انساني پيشاب کي به گرمي جي هڪ نمايان ذريعي طور سامهون آندو ويو آهي. اوچائي تي پاڻي جي کوٽ کان بچڻ لاءِ جبل چاڙها ۽ گائيڊ وڏي مقدار ۾ پاڻي پيئن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ بيس ڪيمپ ۾ روزانو لڳ ڀڳ 6 هزار ليٽر پيشاب پيدا ٿئي ٿو.
تحقيق موجب، انساني ٺوس فضلو گڏ ڪري جبل تان هيٺ منتقل ڪيو ويندو آهي، پر پيشاب جو وڏو مقدار سڌي طرح گليشيئر تي خارج ڪيو ويندو آهي.
محققن جو اندازو آهي ته صرف انساني پيشاب مان پيدا ٿيندڙ گرمي هڪ سيزن دوران لڳ ڀڳ 154 ٽن برف پگهرائي سگهي ٿي.
بيس ڪيمپ جي چوڌاري گرمي پد ۾ واڌ جو به انڪشاف
تحقيق ۾ بيس ڪيمپ جي چوڌاري وڌندڙ گرمي جي رجحان جو به جائزو ورتو ويو. محققن 1991ع کان 2023ع تائين لينڊسيٽ سيٽلائيٽ تصويرن جو تجزيو ڪيو.
نتيجن موجب، بيس ڪيمپ تي زمين جي سطح جو گرمي پد سراسري طور هر سال 0.28 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيو، جيڪو ڀرسان موجود خمبو گليشيئر ۾ رڪارڊ ڪيل گرمي پد ۾ واڌ جي شرح کان لڳ ڀڳ ٻيڻو آهي.
تحقيق ۾ شامل نيپال جي لينڊ مينيجمينٽ کاتي جي سينيئر سرويئر ڪِم لال گوتم ۽ ٻين ماهرن جو چوڻ آهي ته انساني سرگرمين جا حقيقي اثر ان کان به وڌيڪ ٿي سگهن ٿا، ڇاڪاڻ ته تحقيق ۾ هيلي ڪاپٽرن جي اڏامن مان پيدا ٿيندڙ گرمي، جبل چاڙهن جي جسمن مان خارج ٿيندڙ گرمي ۽ سامان منتقل ڪندڙ ياڪ جانورن جي جسماني گرمي کي شامل نه ڪيو ويو آهي.
محققن واضح ڪيو ته ايورسٽ جي گليشيئرن جي پگهرڻ جو بنيادي سبب اڃا تائين موسمياتي تبديلي ئي آهي، پر انهن جو چوڻ آهي ته تيزي سان پگهرندڙ گليشيئر تي هر سال هزارين ماڻهن جو گڏ ٿيڻ ڊگهي مدي تائين پائيدار عمل ناهي.
تحقيق ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته ڊگهي مدي ۾ ايورسٽ بيس ڪيمپ کي گليشيئر تان منتقل ڪري ڀرسان ڪنهن مستحڪم علائقي ۾ قائم ڪرڻ تي غور ڪيو وڃي.

تبصرے بند ہیں۔