نقوي جي وومين ٽيم سان ملاقات، رانديگرن جو حوصلو وڌايو

دبئي: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي دبئي ۾ پاڪستان وومين ٽيم سان ملاقات ڪئي جتي هن رانديگرن جو حوصلو وڌايو.محسن نقوي پاڪستان وومين ٽيم جي رانديگرن کان انهن جي تيارين بابت پڇيو ۽ چيو ته انهن کي ميچ بائي ميچ کيڏڻ گهرجي ۽ کٽڻ لاءِ وڃڻ گهرجي، وومين ايشيا ڪپ ۾ توهان لاءِ وڏيون اميدون آهن.جواب ۾ وومين ٽيم جي رانديگرن چيو ته اهي ايونٽ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهن، انهن ايونٽ لاءِ سٺي تياري ڪئي آهي، اهي اميدن تي پورو لهنديون.

تبصرے بند ہیں۔