انگلينڊ جي خلاف ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز نه کٽڻ تي ڏک پهتو آهي: مصباح الحق

لاهور: چيف سليڪٽر ۽ هيڊ ڪوچ مصباح الحق چيو آهي ته انگلينڊ جي خلاف ٽيسٽ ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز نه کٽڻ تي ڏک پهتو آهي.
قذافي اسٽيڊيم ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق چيو ته ٽيسٽ کان پوءِ ٽي ٽوئنٽي سيريز نه کٽڻ تي ڏک پهتو آهي. انگلينڊ جو دورو انتهائي اهم هو ڇو ته ڪرڪيٽ ڪيترن ئي مهينن کان بند هئي. بطور ٽيم ۽ ڪوچ هن سيريز جي باري ۾ ڏک رهندو.
هن چيو ته 30 رانديگر تياري کان سواءِ ويا هئا. ان جي باوجود گڏيل طور تي ڪارڪردگي ڪافي بهتر رهي. جڏهن ته غير معمولي صورتحال ۾ دورو ڪرڻ تي انٽرنيشنل ميڊيا اسان جي ٽيم کي سپورٽنگ چيو جيڪا مثبت شيءِ آهي. مصباح الحق چيو ته حيدر علي کي به اسان آندو. سينئر سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندي نظر اچي رهيا هئا.
حفيظ جڏهن اعتماد ۾ نظر آيو ته ان کي موقعو ڏنو. هيڊ ڪوچ وڌيڪ چيو ته هر شيءَ ۾ بهتري جي گنجائش هوندي آهي گڏيل طور تي پنهنجي وزن موجب نوجوان رانديگرن تي سرمائيڪاري ڪرڻي آهي. جهڙي ڪرڪيٽ اسان کيڏي رهيا آهيون ان باوجود اسان جي حق ۾ رزلٽ نه پئي اچي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔