ميڊيا صرف ڪراچي تي فوڪس ڪيو، ٻين ضلعن کي ڪوريج نه ملي سگهي :وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي: ميڊيا صرف ڪراچي تي فوڪس ڪيو، ٻين ضلعن کي ڪوريج نه ملي سگهي آهي، سکر بئراج تي وچولي درجي جي ٻوڏ جي صورتحال آهي، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه سکر پهچي ويو، سکر بئراج ۽ ٻين علائقن جو دورو پڻ ڪيو ويو، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ٻوڏ جي صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، وڏي وزير کي بريفنگ ۾ چيو ويو ته بندن جا ڪمزور هنڌ مضبوط ڪيا پيا وڃن، سکر ۾ فلڊ ڪنٽرول سينٽر جوڙيو ويو آهي، الرا جاگير پاڻي جو دٻاءُ گهڻو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه آبپاشي عملدارن کي هدايت ڪندي چيو ته آبپاشي عملدارن کي سڪيورٽي ڏني وڃي، ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته سکر بئراج تي وچولي درجي جي ٻوڏ صورتحال آهي، گڊو بئراج اپ اسٽريم تي 500523 ڪيوسڪ پاڻي آهي، گڊو بئراج ڊائون اسٽريم وٽ 477005 ڪيوسڪ آهي، وڏي وزير چيو ته ميڊيا صرف ڪراچي تي فوڪس ڪيو، ٻين ضلعن کي ڪوريج نه ملي، برساتن ۾ ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ نقصان ٿيو آھي، ٻوڏ کان اڳ سمورا انتظام مڪمل ڪيا، وزيراعظم کي ٿيل نقصان بابت آگاھه ڪيو، برسات جي ڪري 23 لک ماڻھو 20ضلعن ۾ متاثر ٿيا آھن، مان ھر طرف وڃي رھيو آھيان پر اينڪر ٻوڏ وارن علائقن ڏانھن نه ٿا وڃن، هن چيو ته سنڌودرياهه جي بندن مان ڪمزور پوائينٽ الرا جاگير بند ھو جنھن کي مضبوط ڪيو ويو آھي، متاثرن کي اڪيلو نه ڇڏيندو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔