وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪراچي ڪاميٽي جو اجلاس جاري

ڪراچي : وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو آهي جتي هو ڪراچي جي لاءِ ٽرانسفارميشن پلان جو اعلان ڪندو.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪراچي ڪاميٽي جو اجلاس جاري آهي جنهن ۾ اسد عمر ، شبلي فراز، علي زيدي ۽ امين الحق به شريڪ آهي ، ان کان سواءِ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاه به اجلاس ۾ موجود آهي .

ان کان اڳ ۾ ڪراچي پهچڻ تي گورنر عمران اسماعيل ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه هوائي اڏي تي وزيراعظم عمران خان جو استقبال ڪيو . اطلاعات وارو وزير شبلي فراز ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر عامر محمود ڪياني به وزيراعظم سان گڏ هو .

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان 802 ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪندو جنهن ۾ گهڻن منصوبن تي اڳ ۾ ئي ڪم هلندڙ آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔