اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران ايس اي سي پي جي لاپتا آفيسر ساجد گوندل کي سومر تائين بازياب ڪرائڻ جو حڪم

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ايس اي سي پي جي لاپتا آفيسر ساجد گوندل کي سومر تائين بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو آهي ته سومر تائين ساجد گوندل بازياب نه ٿئي ته گهرو سيڪريٽري ۽ چيف ڪمشنر ذاتي طور عدالت ۾ پيش ٿين، ايس اي سي پي جي جوائنٽ ڊائريڪٽر ۽ اڳوڻي صحافي ساجد گوندل 2 ڏينهن اڳ گُم ٿيو هو، سندس ڪار اسلام آباد جي شهزاد ٽائون واري علائقي مان هٿ آئي، ساجد گوندل جي گهرواري جو چوڻ آهي ته سندس مڙس ڪجهه ڏينهن کان پريشاني ۽ ذهني دٻاءُ جوشڪار هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔