ڪراچي: اقرا يونيورسٽي ۾ ”وائيس آف سنڌ “ پاران ”ڊفينس اينڊ ڊپلوميسي“ جي عنوان سان سيمينار

ڪراچي: پاڪ ڀارت جنگ ۾ رافيل جي استعمال سان فرق نه ٿو پوي ، اصل شيءِ اسان جو جذبو ۽ سکيا آهي ، آزادي جي قيمت هوندي آهي ، امن جي پويان وڏيون قربانيون شامل هونديون آهن ،جيڪڏهن جنگين ۾ قربانيون ڏيڻ وارا نه هجن ها ، ته اڄ اسان آزاد نه هجون ها ، انهن خيالن جو اظهار وائيس آف سنڌ جي اهتمام هيٺ ڊيفينس اينڊ ڊپلوميسي جي موضوع تي ڪوٺايل خاص سيمينار ۾ دفاعي تجزي ڪارن ۽سڪيورٽي ماهرن ڪيو،  تفصيل موجب وائيس آف سنڌ جو سيمينار اقرا يونيورسٽي جي مرڪزي ڪيمپس ۾ ٿيو،تقريب جي شروعات ڪلام پاڪ سان ٿي جنهن کانپوءِ مقررن خطاب ڪيو .پي اي ايف ڪيٽ جي وائيس چانسلر ائير مارشل مرزا ظفر حسين چيو ته 65 واري جنگ جي پويان اسان جي ٽريننگ ۽ جذبو هو ان ٽريننگ جو سلسلو اڃان به جاري آهي ، ملڪ اسان کي سهولتون ڏنيون، ڀارتي رافيل سان فرق نه ٿو پوي اصل شيءِ اسان جو جذبو ۽ ٽريننگ  آهي، ڊي آءِ جي سيڪورٽي مقصود ميمڻ جو چوڻ هو ته آزادي جي قيمت هوندي آهي، اڄ جيڪو امن آهي ان پويان ڪيترن ئي خاندانن جون قربانيون آهن ،سڪيورٽي ادارا مسلسل ڪم ڪري رهيا آهن ، سنڌ پوليس ڀرپور جنگ وڙهي ،اسٽاڪ ايڪسچينج وارو حملو ناڪام بڻايو، اڳوڻي سفارتڪار ڪيپٽن رٽائرڊ جميل احمد خان چيو ته ففٿ جنريشن وار ۽ هائبرڊ وار جو مقصد ناڪاري سوچ پيدا  ڪرڻ آهي،  مان جنگين ۾ قربانيون ڏيندڙن کي سلام پيش ڪريان ٿو ، جيڪڏهن اهي نه هجن ها ته اڄ اسان آزاد نه هجون ها . وائيس ايڊمرل رٽائرڊ  عارف الله حسيني جو چوڻ هو ته الله اسان جي ڊي اين اي کي جنگ کٽڻ لاءِ پروگرام ڪيو آهي ،اسان عالمي طاقتن کي شڪست ڏني آهي ، جيڪڏهن اسان آئين ۽ قومي ترانو سمجهي وٺون  ته ترقي جو رستو پاڻ ئي نڪري ايندو. ناليواري تعليم دان ۽ سياستدان  ۽ وائيس آف سنڌ جي پيٽرن اِن چيف حنيد لاکاڻي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته دشمن جو انگ اصل شيءِ ناهي ايمان جو جذبو وڏي ڳالهه آهي ، اڄ جي دور ۾ ٽيڪنالاجي جي خاص اهميت آهي ،جنگين ۾ ان جو ڪردار خاص اهميت اختيار ڪري ويو آهي ، ان ڏس ۾ اسان کي باخبر رهڻو پوندو . تقريب جي پڄاڻي تي ناليواري بزنس مين ۽ سماجي ڪارڪن عقيل ڪريم ڊيڊي، حنيد لاکاڻي ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عمير هارون آيل مهمانن ۾ شيلڊ ورهايون .سيمينار دورن ڊاڪٽر عمير هارون جي خاص پيشڪش ڊرامو ڊارڪ روم ٿيٽر پيش ڪيو ويو ، جنهن ۾ ساجد حسن ،راشد فاروقي جهڙن ناليوارن اداڪارن ۽ عمر خيام مرڪزي ڪردار ادا ڪيو ڊرامي کي مهمانن گهڻو ساراهيو،

تقريب جي ميزباني ناجيا مير ڪئي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔