وزيراعظم عمران خان ڪراچي لاءِ 11 سئو ارب رُپين جي ٽرانسفارميشن پلان جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي : وزيراعظم عمران خان ڪراچي لاءِ 11 سئو ارب رُپين جي ٽرانسفارميشن پلان جو اعلان ڪري ڇڏيو، منصوبن تي عمل لاءِ پي سي آءِ سي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، گورنر هائوس ۾ ڪراچي ڪميٽي جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي مسئلي کي پلان ۾ شامل ڪيو آهي، پاڻي لاءِ ڪي فور منصوبي جو هڪ حصو وفاق ۽ هڪ حصو صوبائي حڪومت کنيو آهي، نيڪال جي نظام، ڪچري ۽ ٽرانسپورٽ جي مسئلن کي حل ڪرڻ وارا منصوبا به پلان ۾ شامل ڪيا آهن، اين ڊي ايم اي نالن جي صفائي ڪندي ۽ حددخليون هٽائڻ جي صورت ۾ بي گهر ٿيندڙ ماڻهن کي ٻيهر آباد ڪرڻ جي ذميواري سنڌ حڪومت کنئي آهي، وزيراعظم جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ وفاق، صوبائي حڪومت، ڪئنٽونمينٽ بورڊ ۽ ريلوي سوڌو ٻين ادارن جون ڌار ڌار حدون هجڻ سبب منصوبن تي عمل ڏکيو هوندو آهي، هاڻي اُن تي عمل پي سي آءِ سي نالي جُڙيل ڪميٽي ذريعي ڪيو ويندو، سنڌ ۾ برسات سٽيل ٻين علائقن ۾ به صوبائي حڪومت جي مدد ڪرڻ لاءِ به گڏجي تيار ڪئي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔