سڄي ملڪ ۾ دفاع وارو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو

ڪراچي: 6 سيپٽمبر 1965 جي جنگ ۾ ڀارت کي عبرتناڪ شڪست ڏيڻ جي ياد ۾ اڄ سڄي ملڪ ۾ بچاءَ جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو .

6 سيپٽمبر 1965 تي ڀارتي فوج لاهور ويجهو عالمي سرحد پار ڪندي شهر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر دشمن کي بيديان ۽ واهگا جي هنڌ تي ئي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پيو.

قوم جي جان نثارسپوتن جرات ۽ بهادري جو لازوال داستان لکندي دشمن کي مات ڏئي مادر وطن جي دفاع کي يقيني بڻايو .

اسلام آباد ۾ رات 12 ڄندي ئي شاندار آتش بازي جو مظاهرو ڪيو جنهن سان وفاقي گادي واري شهر جي آسمان تي رنگن جي انڊلٺ ٺهي ئي ۽ ملي نغمن شهرين جو رت گرمائي ڇڏيو.

يوم دفاع جي موقعي تي فجر جي نماز کانپوءِ سڄي ملڪ جي مسجدن ۾ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ پاڪ فوج لاءِ خاص دعائون گهريون ويون ، سڄي ملڪ ۾ پروقار تقريبون ٿيون .

يوم دفاع  پاڪستان جي مرڪزي تقريب جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿي ، ان موقعي تي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ دعا ڪئي جڏهن ته پاڪ فوج جي چاڪ ۽ چوبند دستي شهيدن کي سلامي پيش ڪئي .

نيول هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ به شهيدن جي يادگار تي يوم دفاع جي تقريب ٿي ، ان موقعي تي سامونڊي فوج جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي شهيدن جي يادگار تي گل رکيا ۽ دعا ڪئي .

پاڪستان جي باني قائداعظم محمدعلي جناح  ۽ پاڪستان جو تصور پيش ڪندڙ علاما محمد اقبال جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿي

قائداعظم جي مزارتي گارڊ ز جي تبديلي جي پروقار تقريب جو خاص مهمان ائير وائيس مارشل شڪيل غضنفر هو .

ائير چيف مارشل شڪيل غضنفرقائداعظم جي مزارتي دعا پڙهي ۽ گلن جي چادر چاڙهي ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ تاثر به لکيا .

قائد اعظم جي مزار تي هوائي فوج جي اصغر خان اڪيڊمي جي چاق  ۽ چوبند دستي اعزازي گارڊز جا فرض سنڀاليا ، فرض سنڀاليندڙ گارڊز ۾ 3 عورتن سميت 46 ڪيڊٽس شامل آهن .

لاهور ۾ علاما اقبال جي مزار تي به گارڊز جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿي، ڊي جي رينجرز ميجر جنرل عامر مجيد تقريب جو خاص مهمان هو ، خاص مهمان مزار تي گل رکيا ۽ دعا پڙهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔