صبا قمر ۽ بلال سعيد جون عبوري ضمانتون منطور

لاهور: سيشن عدالت مسجد ۾ گاني جي عڪسبندي ۽ وڊيو رڪارڊنگ جي معاملي ۾ اداڪاره صبا قمر ۽ گلوڪار بلال سعيد جي عبوري ضمانت واريون درخواستون منظور ڪري ورتيون آهن.
لاهور جي سيشن عدالت ۾ صبا قمر ۽ بلال سعيد جي خلاف وزير خان مسجد ۾ ميوزڪ وڊيو رڪارڊنگ جي معاملي تي ٻڌڻي ٿي. ايڊيشنل سيشن جج چوڌري قاسم علي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.
اداڪاره صبا قمر ۽ گلوڪار بلال سعيد عدالت پهتا ۽ حاضري مڪمل ڪرائي عدالت وڪيلن جا دليل ٻڻ کان پوءِ ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو جنهن کان پوءِ عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي صبا قمر ۽ بلال سعيد جون عبوري ضمانتون منظور ڪري ورتيون.
جج ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت ٻنهي جوابدارن جي عبوري ضمانتون ڪنفرم ڪري ٿي. جزا ۽ سزا جو فيصلو ٽرائل ۾ ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔