امير ترين رياستن ۾ شامل ڪويت جو خزانو تيزي سان خالي ٿيڻ لڳو

ڪويت : دنيا جي امير ترين رياستن ۾ شامل ڪويت جو خزانو تيزي سان خالي ٿي رهيو آهي. بلوم برگ پنهنجي تازي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته تيل جي دولت سان مالا مال دنيا جي امير ترين رياستن مان هڪ ڪويت اهي پر هاڻ اها صورتحال تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي.
تيل پيدا ڪندڙ ملڪن جي تنظيم اوپيڪ هلندڙ سال ڪورونا وائرس سبب تيل جي عالمي طلب ۾ گهٽتائي جو جائزو ورتو ۽ قيمتن جو نئين سري سان جائزو ورتو پر 40 ڊالرز في بيرل قيمت کي اڃان به ناڪافي سمجهيو پيو وڃي. ڪويت جي اڳوڻي نائب وزيراعظم کي 2016 ۾ ان وقت جي ناڻي واري وزير انس الصالح خبردار ڪيو هو ته وقت اچي ويو آهي ته ڪويت جي خرچن ۾ گهٽتائي ڪري تيل کان پوءِ جي زندگي جي لاءِ پاڻ کي تيار ڪريون. انس الصالح جي ڳالهين کي ان وقت ڪنهن به سنجيده نه ورتو هو. جنهن کان پوءِ تازو ئي استعيفيٰ ڏيندڙ ناڻي واري وزير بارک الشيطان گذريل مهيني آگاهي ڏني هئي ته آڪٽوبر کان پوءِ ملڪ وٽ پگهارون ڏيڻ جي لاءِ به پئسا نه بچندا.
سعودي عرب سميت سموريون نار واريون رياستون هن وقت معاشي پاليسي ۾ تبديليون آڻي رهيون آهن ۽ پاڻ کي تيل جي معيشت کان پوءِ جي دنيا لاءِ تيار ڪري رهيون آهن. سعودي عرب به گذريل سال دوران پنهنجي ملڪ ۾ معاشي اصلاحات آڻيندي عوام تي ڪيترائي نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا جڌهن ته بحرين ۽ اومان جهڙيون رياستون پنهنجي امير پاڙيسرين کان قرض کڻي معاشي پريشانين جو مقابلو ڪري رهيون آهن. متحده عرب امارات به تيل تي ڀاڙڻ ختم ڪري دبئي کي لاجسٽڪ ۽ فنانشل حب ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي پر ڪويت اهڙيون تبديليون آڻڻ ۾ سستي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي جنهن جو بنيادي سبب اتان جي چونڊيل پارليامينٽ ۽ حڪومت جنهن جي وزيراعظم کي رياست جا امير چونڊيندا آهن انهن جي وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا آهن.
واضح رهي ته اهڙي بحران جي باوجويد ائين نه آهي ته ڪويت وٽ پئسا نه آهن. ڪويت تيل ختم ٿيڻ کان پوءِ به ترقي جي سفر کي جاري رکڻ جي لاءِ دنيا جو چوٿون وڏو 550 ارب ڊالرن جو فنڊ قائم ڪري رکيو آهي پر هو في الحال ان کي استعمال نه ڪري سگهندو. ڪجهه ڪويتين جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته هن فنڊ کي استعمال ڪيو وڃي پر ان جي مخالفن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته معاشي اصلاحات ۽ ملازمتون پيدا ڪرڻ کان سواءِ ئي سيونگز يعني فنڊ 15 کان 20 سالن ۾ ختم ٿي ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔