ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو ٽوئيٽر اڪائونٽ هيڪ

نئين دهلي: ڀارتي ويراعظم نريندر مودي جي ذاتي ويب سائيٽ ۽ ٽوئيٽر اڪائونٽ هيڪ ٿي ويو.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽوئيٽر اهڙي تصديق ڪندي چيو آهي ته اڄ صبح هيڪ ڪيل ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي ٽوئيٽر اڪائونٽ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن ۽ ان معاملي تي تيزي سان جاچ ڪرائي ويندي.
هيڪرن مودي جو اڪائونٽ هيڪ ڪرڻ کانپوءِ ان تي لکيو ته ”مان توهان کي اپيل ٿو ڪيان ته ڪووڊ 19 لاءِ قائم ڪيل فنڊ ۾ عطيو ڏيو“.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔