هالي ووڊ اداڪار ڊيوائن جانسن گهر ڀاتين سميت ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو

لاس اينجلس: هالي ووڊ جو اداڪار ڊيوائن جانسن(دي راڪ) گهر واري ۽ ٻن ٻارڙين سميت ڪورونا وائرس جو شڪار ٿي ويو.
ڊيوائن جانسن گذريل ڏينهن انسٽاگرام تي هڪ وڊيو پيغام ۾ ٻڌايو ته مان پنهنجي فيملي سميت ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويو آهيان. 48 ساله اداڪار ٻڌايو ته منهنجي گهر واري 35 ساله نورين 4 ساله ڌيءَ جيسمين ۽ 2 ساله ننڍي ڌيءَ تيانا تقريبن 2 کان اڍائي هفتا اڳ هن وائرس جو شڪار ٿيا هئاسين. ڊيوائن جانسن موجب مون کي هي وائرس هڪ ويجهي دوست مان منتقل ٿيو هو پر هاڻ هو ۽ ان جا گهر ڀاتي ڪورونا مان صحتياب ٿي ويا آهن ۽ هاڻ هو صحتمند آهن.
جانسن ٻڌايو ته هي مشڪل وقت آهي جيڪو اسان کي هڪ خاندان جي حيثيت سان برداشت ڪرڻو پوندو. منهنجي ٻنهي ڌيئرن کي گلي جي تڪليف کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو پر هاڻ هو ٺيڪ آهن. مون کي اوهان کي اهو ٻڌائيندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته خدا جو شڪر آهي اسان سڀ صحتمند آهيون.
ڊيوائن جانسن ماڻهن کي ماسڪ پائڻ ۽ ڪورونا دوران احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو ته جيئن هي وائرس وڌيڪ نه پکڙجي ۽ پنهنجي پيارن جي حفاظت ڪرڻ جي درخواست ڪئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔