ڀارت کي ڪلڀوشن جو وڪيل ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر موقعو ڏيڻ جو حڪم

اسلام آباد: پاڪستان ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي وڪيل ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو موقعو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي .انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي لاءِ وڪيل مقرر ڪرڻ جي حڪومتي درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي.

ان موقعي تي اٽارني جنرل پاڪستان بيرسٽر خالد جاويد خان چيو ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن جاديو بابت ڪيس ۾ ڀارت عالمي قانونن تي عمل ڪرڻ کان ڀڄي رهيو آهي .

انصاف واري عالمي عدالت جي فيصلي تي عمل جي معاملي تي ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن جاديو لاءِ وڪيل مقرر ڪرڻ جي حڪومت جي درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جاري آهي .

اسلام  آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ لارجر بينچ ٻڌڻي ڪري رهيو آهي .جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب به لارجر بينچ ۾ شامل آهي.

اٽارني جنرل خالد جاويد خان، ايڊيشنل اٽارني جنرل طارق کوکر ۽ ڊپٽي اٽارني جنرل طيب  شاهه به عدالت ۾ موجود رهيو جڏهن ته سينئر وڪيل حامد خان عدالتي مددگار طور عدالت ۾ موجود آهي .ڍ

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدالت ڪلڀوشن جاديو لاءِ قانوني نمائندو مقرر ڪري

چيف جسٽس اطهر من الله پڇاڻو ڪيو ته ڇا اسان جي گذريل حڪمن تي عمل ڪيو ويو آهي؟

اٽارني جنرل خالد جاويد ٻڌايو ته 6 آگسٽ 2020 تي ڪلڀوشن کي ان بابت آگاهه ڪيو هو پر حڪومت کي ڀارتي پرڏيهي وزير پاران جواب نه مليو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔