پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ايشيا ۾ بهترين قرار

اسلام آباد: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج کي ايشيا ۾ سڀ کان بهترين  ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي”بيسٽ پرفارمنگ مارڪيٽ “ قرار ڏنو ويو آهي .

گذريل ڏينهن عالمي مالياتي ادارن جي ڪارڪردگي تي تحقيق ڪندڙ آمريڪي اداري ”مارڪيٽ ڪرنٽس ويلٿ“ پاران دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽن جي تازي جائزي موجب پاڪستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ ايشيا ۾ سڀ کان بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي .

 پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار ۾ 38 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڏٺو ويو آهي ، ايشيا ۾ چين جي اسٽاڪ مارڪيٽ به سٺو پرفارم ڪيو جنهن ۾ 27 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو

آمريڪي اداري جي جائزي رپورٽ کانپوءِ پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج پنهنجي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تي اعلان ڪيو ته ملڪي اسٽاڪ مارڪيٽ کي سن 2020 جي ايشيا ۾ بهترين ۽ دنيا ۾ چوٿين نمبر تي بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ واري مارڪيٽ جو اعزاز مليو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔