وزيراعظم عمران خان جو ڪراچي ياترا جو شيڊول تبديل ، هاڻي جمعي بدران ڇنڇر تي ڪراچي پهچندو

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان ڪراچي ياترا جو شيڊول تبديل ڪري ڇڏيو، جمعي بدران ڇنڇر تي ڪراچي جي دوري تي پهچندو، وزيراعظم هائوس جي ترجمان شهباز گل چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان روزانو اجلاس ڪوٺائي ڪراچي جي صورتحال جو جائزو وٺندو آهي، وزيراعظم ڪراچي جا مسئلا مستقل طور حل ڪرڻ لاءِ جامع پلان جو اعلان ڪندو، سُڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم ڪراچي جون رونقون ۽ روشني بحال ڪرڻ واري عزم تي قائم آهي، ڪراچي پاڪستان جو معاشي دل آهي ۽ ڪراچي جي ترقي سان ئي پاڪستان جي خوشحالي سلهاڙيل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔