ڪراچي ۾ برسات تباهي آڻي ڇڏي، وفاقي حڪومت مسئلا حل ڪرڻ بدران سياست ڪري رهي آهي:شهباز شريف

لاهور : ڪراچي ۾ برسات تباهي ڪري ڇڏي آهي، وفاقي حڪومت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ بدران رڳو سياست ڪري رهي آهي، وفاق کي لاڳاپيل ادارن سان گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پي ٽي آءِ حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪراچي جي صورتحال تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، اسان به ڪراچي ۾ سياست ڪرڻ لاءِ نه پر تباهي جو جائزو وٺڻ ۽ متاثرن سان جي سار لهڻ لاءِ ڪراچي ويا هئاسين، وزيراعظم عمران خان اڃا تائين ڪراچي ۾ نظر نه آيو آهي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته نواز شريف ڪڏهن به ملڪ مان فرار نه ٿيو آهي، اسان حڪومت جون سختيون برداشت ڪيون آهن، عمران خان کي منهنجي متحرڪ ٿيڻ تي تڪليف پهتي آهي، وفاقي حڪومت خلاف اپوزيشن پارٽيز جي اي پي سي لاءِ تاريخ جو فيصلو رهبر ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔