اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران نوازشريف کي پيش ٿيڻ جو آخري حڪم

اسلام آباد : نواز شريف جيڪڏهن ايندڙ ٻڌڻي تي پيش نه ٿيو ته کيس اشتهاري قرار ڏيڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي ويندي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي پيش پوڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نيب پراسيڪيوٽر نواز شريف کي حاضري کان ڇوٽ ڏيڻ واري درخواست جي مخالفت ڪري ڇڏي، نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏيندي چيو ته سندس اصيل کي عدالت طلب ڪري رهي آهي ته هو پنجاب حڪومت جي فيصلي کي چئلينج ڪري سگهن ٿا، جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏيندي چيو ته نواز شريف کي مليل قانوني حق نٿا کسي سگهون، هو فيصلي کي چئلينج ڪري سگهي ٿو، عدالت نواز شريف کي اڃا اشتهاري قرار ناهي ڏنو، کيس سرينڊر ڪرڻ جو هڪ موقعو ڏنو پيو وڃي، جيڪڏهن نواز شريف کي مفرور قرار ڏنو وڃي ته اپيلن جو ڇا ٿيندو؟ نيب پراسيڪيوٽر چيو ته اهڙي صورتحال ۾ عدالت اپيلن تي ٻڌڻي نٿي ڪري سگهي، قانون موجب نواز شريف کي عارضي نه، پر مستقل طور حاضري کان ڇوٽ ڏئي سگهجي ٿي. جڏهن ته ٻڌڻي 10 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔