آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس، آغا سراج دراني ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو

ڪراچي : آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس، آغا سراج دراني ۽ ٻين تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، آغا سراج دراني ۽ ٻيا جوابدار عدالت پيش ٿيا، جوابدارن جي وڪيل جو چوڻ هو ته شمشاد خاتون ۽ ذوالفقار علي بيمار آهن، عدالت پيش نٿا ٿي سگهن، نيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته مختصر تاريخ ڏني وڃي جيئن جلد ئي فرد جرم لاڳو ٿي سگهي، جڏهن ته آغا سراد دراني ۽ ٻين مٿان فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔