حڪومت کي جيڪو نقصان 5سالن ۾ ڪرڻو هو اهو 2سالن ۾ ڪري ويٺي: مريم نواز

اسلام آباد: مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز قافلي جي صورت ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پهچي وئي. شريف خاندان جي خلاف 3 ريفرنسز تي  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي اڄ ٿي. جنهن سلسلي ۾ مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز اڄ عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.

ايون فيلڊ ريفرنس ۾ سزائن جي خلاف  نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن(ر) صفدر اپيلون ڪري رکيون آهن. مريم نواز مري کان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي لاءِ رواني ٿي جتي باره کهو پهچڻ تي ڪارڪنن جي وڏي انگ  ان جو استقبال ڪيو ۽ ان جي گاڏين تي گل نڇاور ڪيا. مريم نواز جي گاڏي ان جو مڙس محمد صفدر هلائي رهيو هو جڏهن ته گاڏي ۾ پرويز رشيد به موجود هو.

عدالت پهچڻ تي صحافين سان غير رسمي ڳالهين دوران مريم نواز چيو ته مڪافات جو عمل ته شروع ٿيڻو ئي هو ڇو ته هر شيءَ جي پنهنجي ٽائمنگ آهي. هن چيو ته مون سوچيو هو ته حڪومت ايترو هيٺ اڄڻ ۾ 5 سال وٺندي پر حڪومت پنهنجو جيڪو نقصان پنجن سالن ۾ ڪرڻو هو اهو هي 2 سالن دوران ڪري ويهي رهيا.

مريم نواز چيو ته اسان نوازشريف جي هدايت تي عمل ڪنداسين ان جو لنڊن ۾ علاج هلي رهيو آهي. هو ملڪ واپس اچڻ جي لاءِ تمام گهڻو بيچين آهي پر منهنجي نوازشريف سان ضَد آهي ته جيستائين علاج نٿو ٿي وڃي اوهان واپس نه اچو.  اسان کي پنهنجي باري ۾ نه پر پاڪستان جي باري ۾ سوڄڻ گهرجي. صبح کان برسات پئجي رهي آهي اميد نه هئي ته ايترا ماڻهو گڏ ايندا.

مريم نواز چيو ته منهنجي خيال ۾ نوازشريف اي پي سي ۾ وڃڻ کان منع ڪندو ان ڪري اسان آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ وينداسين. ان موقعي تي ليگي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت جي اصليت اوهان جي سامهون آهي. بيريئر لڳائي مريم نواز کي روڪيو ويو، ڇو؟ ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز برسات ۾ بيٺل آهن. اڄ عوام کي دٻايو پيو وڃي. اڄ عوام لاءِ انصاف جا دروازا بند آهن پوليس کي بيهاري عوام کي روڪيو پيو وڃي. حڪومت هڪ عورت کي برداشت نٿي ڪري سگهي ته عوام کي ڪيئن برداشت ڪندي.

شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته سڄي دنيا ۾ ڪٿي به عدالت جا دروازا بند نه ڪيا ويندا آهن. موجوده حڪومت ۾ هاءِ ڪورٽ جا دروازا بند ڪيا ويا آهن. اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن اهي بيريئر نه رهندا. ملڪ اڄ پوليس اسٽيٽ بڻجي چڪو آهي. هڪ عورت پيشي تي آئي ته ان لاءِ وڏي فورس مقرر ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔