سنڌ حڪومت پاران برسات متاثرن جي مالي مدد ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ حڪومت برسات سبب متاثر ماڻهن جي مالي مدد جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سنڌ حڪومت طرفان ڪراچي سميت متاثر ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنر کي برسات سبب ٿيل نقصانن جو اندازو لڳائڻ جي هدايت ڪئي وپئي آهي.

لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر  کان  برسات سبب ٿيندڙ نقصان جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن. ڊپٽي ڪمشنر کي ستن ڏينهن ۾ نقصانن تي ٻڌل رپورٽ ريليف کاتي ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. واضح رهي ته تازو ٿيندڙ برساتن سبب ماڻهن جا گهر، ڪاروبار، فصل ۽ ٻين شين کي وڏي پيماني تي نقصان پهتو آهي.

ان حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر ضلع ملير به سمورن  ضلعن ۾ ٿيندڙ نقصان جو تخمينو طلب ڪري ورتو آهي. اسستنٽ ڪمشنر کي تباهه ٿيل گهرن، ملڪيتن، قيمتي سامان ۽ جاني نقصان جي سروي رپورٽ ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔