وڏي وزيرجو نئون ڪوٽ جو دورو، گهارن ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ آيل تباهيءَ جو جائزو ورتو

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان نئون ڪوٽ جي دوري دوران ايل بي او ڊي سِم نالي کي لڳل گهارن ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ آيل تباهيءَ جو جائزو، ٽندو جان محمد ۾ وڏي وزير کي ميرپور خاص جي آبپاشي عملدارن ۽ چونڊيل نمائندن طرفان گهارن جي هاڃن بابت تفصيلي بريفنگ، ٽنڊو جان محمد ۾ وڏي وزير جي دوري دوران سِم نالي جي متاثرن جو مظاهرو، نعريبازي، نئون ڪوٽ ۾ وڏي وزير جي دوري دوران سيڪيورٽي جي نالي تي رستا بند ٿيڻ خلاف متاثرن ۽ مسافرن طرفان مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين ۽ پوليس اهلڪارن ۾ منهن ماري، متاثر چيو آهي ته وڏو وزير ڀلي دوري تي اچي، پر رستا بند ڪري کين ڇو روڪيو ويو آهي، هڪ پاسي گهارن ڪيترن ئي ڳوٺن ٻوڙي ڇڏيو آهي ته ٻئي پاسي لڏپلاڻ ڪندڙ مسافرن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ روڊ تي بيهاري انتظاميا سندن اهنج ٻيڻا ڪري ڇڏيا…..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔