نوازشريف جون ميڊيڪل رپورٽون ثبوت آهن ته هو هاڻ صحتياب ٿي ويو آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد: سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نوازشريف جي وڪيلن جي جمع ڪرايل ميڊيڪل رپورٽ ثبوت آهي ته جوابدار هاڻ صحتياب ٿي ويو آهي.

پنهنجي ٽوئٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته نوازشريف جي وڪيلن طرفان عدالت ۾ جمع ڪرايل ميڊيڪل  رپورٽ پاڻ ثبوت آهي ته جوابدار صحتياب آهي. نوازشريف طرفان ان جو علاج شروع نه ڪرڻ جو سبب ٻڌايو ويو آهي ته ڪورونا سبب اسپتال وڃڻ مناسب نه هو ان ڪري جيستائين  ڪورونا ختم ٿئي ان کان پوءِ علاج شروع ٿيندو.

واضح رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ نوازشريف جي وڪيل طرفان موقف اختيار ڪيو ويو آهي  ته نوازشريف ملڪ ۾ نه آهي هو اهڙي حالت ۾ نه آهي جو پاڪستان اچي سگهي جڏهن علاج مڪمل ٿي ويندو ته نوازشريف به اچي ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔