ڀارت جو اڳوڻو صدر پرناب مکرجي 84 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي : ڀارت جو اڳوڻو صدر ۽ ڪانگريس جو سينيئر اڳواڻ پرناب مکرجي 84 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڀارتي ميڊيا موجب 10 آگسٽ تي پنهنجي راجا جي مرگ هائوس ۾ ڪِري سخت زخمي ٿيو هو. جنهن دوران اڳوڻو صدر کي دماغ ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ڪوما ۾ هليو ويو ۽ ان جي سرجري به ٿي هئي. پرناب مکرجي کي ان ڏينهن ڪورونا جي به تصديق ٿي هئي جنهن جو اعلان هن ٽويٽر تي ڪيو هو. سومر ڏينهن ڊاڪٽرن پرناب مکرجي جي گهروارن کي سندس حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ جو اطلاع ڪيو هو ۽ کيس ڦڦڙن ۾ زخمن جو به چيو ويو هو. پرناب مکرجي جي پٽ اڀي جيت ٽويٽ ڪري عوام کي دعا جي اپيل ڪئي هئي جنهن جي ڪجهه ڪلاڪن بعد هن پنهنجي پيءُ جي فوت ٿيڻ جو اعلان ڪيو. پرناب مکرجي سياست ۾ قدم رکڻ کان پهريان استاد ۽ صحافي هيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔