پيپلز پارٽي 12 سالن دوران ڪراچي سميت سڄي صوبي جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو: شبلي فراز

اسلام آباد: سڌ سماءَ واري وفاقي وزير شبلي فراز پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي 12 سالن دوران ڪراچي سميت سڄي صوبي جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو. شبلي فراز چيو ته جڏهن به ڪراچي جي مسئلن تي ڪير ڳالهائيندو آهي ته پيپلز پارٽي 18هين ترميم ۽ سنڌ ڪارڊ استعمال ڪندي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي جو ڪراچي جي صورتحال تي سياست ڪرڻ افسوسناڪ آهي. وفاقي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي لاءِ وڌيڪ 10 ارب گُهري رهي آهي، ايترا پئسا ڪٿان آڻيون؟، پئسا ڏيڻ جو مقصد هنن جا کيسا ڀرڻ آهي. شبلي فراز چيو ته وزير اعظم جو سنڌ جي وڏي وزير مراد شاهه سان رابطو ٿيو آهي، عمران خان جلد ڪراچي جو دورو به ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔