سنڌ ۾ مڪاني چونڊن لاءِ تڪ بندين جو شيڊول جاري

ڪراچي : اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ مڪاني چونڊن لاءِ تڪ بندين جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو.

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب يونين ڪائونسل، يونين ڪميٽين ۽ وارڊن جون تڪ بنديون ٿينديون ۽ شروعاتي تڪ بندين جي فهرست 9 سيپٽمبر کان 22 سيپٽمبر تائين جاري ٿيندي.

اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته 30 سيپٽمبر تي تڪ بندين جي فهرست جاري ڪئي ويندي، جڏهن ته تڪ بندين تي اعتراض 23 سيپٽمبر کان 7 آڪٽوبر تائين ٻڌا ويندا ۽ 8 کان 22 آڪٽوبر تائين دانهن کي اڪلايو ويندو.

اليڪشن ڪميشن موجب 23 آڪٽوبر کان 29 آڪٽوبر تائين تڪ بندين جي فهرست ڪميٽي کي ڏني ويندي ۽ 30 آڪٽوبر تي تڪ بندين جي حتمي فهرست جاري ڪئي ويندي.

واضح رهي ته سنڌ ۾ مڪاني حڪومتن جو مدو ختم ٿي چڪو آهي، جنهن کانپوءِ سموريون مڪاني ڪائونسلز ٽوڙيون ويون آهن، جڏهن ته سنڌ حڪومت نين تڪ بندين تائين مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔