مهانگائي ۽ برسات جي ماريل عوام لاءِ ريليف،پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ واري سمري رد

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جي تجويز رد ڪري ڇڏي

ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ برساتن سبب اڳ ئي شهري ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، موجوده حالتن ۾ برسات جي تباهي ۽ نقصانن سبب پريشان عوام  تي واڌو بار نٿو وجهي سگهجي.

واضح رهي ته اوگرا پيٽروليم شين جي اگهن ۾ تبديلي جي حوالي سان سمري موڪليندي پيٽرول جي اگھه ۾ 7 ۽ ڊيزل جي اگهه ۾ 8 رپيا في ليٽر تائين واڌ جي سفارش ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔