ڀارت ڪورونا وائرس جو مرڪز بڻجي ويو

نئين دهلي: چين مان شروع ٿيندڙ ڪورونا وائرس ڀارت ۾ بي قابو ٿي چڪو آهي جتي هڪ ڏينهن دوران سڄي دنيا کان وڌيڪ ڪيس سامهون آيا آهن.ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت ۾ آچر جي ڏينهن ڪورونا جا 78 هزار 761 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جيڪي سڄي دنيا مان هڪ ئي ڏينهن دوران سامهون ايندڙ سڀني کان وڌيڪ ڪيس آهن. جڏهن ته ڀارت ۾ سومر جي ڏينهن ڪورونا سبب 971 فوتگيون به رپورٽ ٿيون آهن.ڀارتي ميڊيا موجب ماهرن ڀارت ۾ ڪورونا جي وڌندڙن ڪيسن کي ڏسندي امڪان ظاهر ڪيو آهي ته ڀارت جلد ئي ڪورونا ڪيسن ۾ برازيل ۽ آمريڪا کي به پوئتي ڇڏي ڏيندو. ڀارت ۾ ڪورونا جي مريضن جو گڏيل انگ 36 لک 21 هزار کان مٿي ٿي ويا آهن ۽ فوتگيون 64 هزار کان وڌيڪ آهن جڏهن ته 27 لک 74 هزار کان وڌيڪ مريضن جي صحتياب ٿيڻ کان پوءِ علاج هيٺ مريضن جو انگ 7 لک 82 هزار آهي.ڀارتي ميڊيا موجب سڄي ملڪ ۾ سڀني کان وڌيڪ مهاراشترا رياست سخت متاثر ٿي آهي جتي ڪورونا جي مريضن جو انگ سڀني کان وڌيڪ 19 لک 38 هزار آهي جنهن کان پوءِ تامل ناڊو، آندرا پرديش، ڪرناٽڪا، اتر پرديش، دهلي، مغربي بنگال ۽ بهار ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ وڌيڪ آهي. ڀارتي ميڊيا ٻڌايو آهي ته ملڪ ۾ 16 ڏينهن دوران ڪورونا جي ڪيسن جو انگ 20 کان 30 لک ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔