اٺ ڪروڙ روپين ۾ وڪرو ٿيندڙ دنيا جي مهانگي رڍ جا چرچا عام ٿي ويا

لنڊن: برطانيه ۾ سنهري وارن واري رڍ جي وڪرو دوران نيلامي 8 ڪروڙ 20 لک روپين ۾ ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ هاڻ هي هينئر تائين جي سڀني کان مهانگي رڍ بڻجي وئي آهي.برطانوي خابرو اداري موجب گلاسڪو ۾ ڊبل ڊائمنڊ نالي رڍ جي نيلامي ڪئي وئي جنهن کي هڪ شخص جيف ايگن 3 لک 67 هزار 500 پائونڊ ۾ خريد ڪيو جيڪي پاڪستاني 8 ڪروڙ 20 لک روپيه بڻجن ٿا هي رڍ اعليٰ نسل جي رڍ سان تعلق رکي ٿي.جيف ايگن هن رڍ کي پنهنجي ٻن ڀائيوارن جي مدد سان خريد ڪيو آهي جيڪي فارمز هلائيندا آهن ۽ ناياب خوبصورت جانورن جا شوقين آهن. جيف ايگن ان کان اڳ به ناياب نسل جي جانورن کي ڳري اگهن ۾ خريد ڪري چڪو آهي.جيف ايگن رڍ کي ڳري اگهن ۾ خريد ڪرڻ جو سبب ان جو وزن، خوبصورتي ۽ اعليٰ نسل سان تعلق رکڻ کان علاوه هن ۾ سموري جينياتي خوبصورتي جو هجڻ ٻڌايو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔