سشانت سنگهه ڪيس:جاچ آفيسر سهڪار نه ڪرڻ تي اداڪاره کي ٿڦڙ وهائي ڪڍيو

ممبئي: بالي ووڊ اداڪار سشانت سنگهه راجپوت جي ڪيس جي جاچ هاڻ سينٽرل بيورو آف انويسٽيگيشن(سي بي آءِ) ڪري رهي آهي ۽ سهڪار نه ڪرڻ تي عورت پوليس آفيسر اداڪاره کي ٿڦڙ وهائي ڪڍيو.
رپورٽس موجب سي بي آءِ جمعي جي ڏينهن اداڪاره رياچڪربورتي کان 9 ڪلاڪن تائين پڇاڳاڇا ڪئي.
ڀارتي ميديا موجب جاچ دوران اداڪاره رياچڪربورتي کي سشانت سنگهه جي ڊپريشن ۾ مبتلا هجڻ واري دعويٰ کي ثابت ڪرڻ لاءِ چيو ويو، ان دوران سهڪار نه ڪرڻ تي سي بي آءِ عورت آفيسر نوپر پرساد کيس ٿڦڙ وهائي ڪڍيو.
ياد رهي ته هلندڙ سال 14 جون تي بالي ووڊ اداڪار سشانت سنگهه راجپوت جي موت بابت سي بي آءِ کان جاچ ڪرائڻ جو مطالبو پئي ڪيو ويو جنهن کان پوءِ ان سلسلي ۾ سي بي آءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔