بابر اعظم سيريز برابر ڪرڻ لاء پر اميد

مانچسٽر : قومي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم انگلينڊ خلاف آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ کٽي سيريز برابر ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.
مانچسٽر ۾ ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ هارائڻ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي بابر اعظم چيو ته اسان جو هدف 160 کان 165 رنسون ٺاهڻ هو پر 195 رنسون ٺاهي وياسين، محمد حفيظ شاندار اننگز کيڏي پر پلان موجب بالنگ نه ڪرائي سگهياسين.
هن چيو ته انگلش ڪپتان اين مورگن ۽ ڊيوڊ ملان بهترين اننگز کيڏي، بالرن کي پنهنجي غلطين مان سکڻو پوندو، مان پاڻ به سکڻ جي ڪوشش ڪندس.
محمد عامر جي انجري بابت ڳالهائيندي سندس چوڻ هو اهم بالر ان فٽ ٿي وڃي ته مسئلا ٿيندا آهن، مون کي رانديگرن جي صلاحيتن تي اعتماد آهي، ايندڙ ميچ ۾ واپسي ڪري سيريز برابر ڪنداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔