پنهنجي ٻارن جي پرورش پاڻ ڪنديس: سارا خان

ڪراچي : من موهڻي اداڪارا سارا خان چيو آهي ته مان نه چاهينديس منهنجي ٻارن کي ميڊز پالين، پنهنجي ٻارن جي پرورش پاڻ ڪنديس.
هڪ شو دوران سوالن جا جواب ڏيندي سارا خان چيو ته مان پنهنجي ٻارن جي پرورش ائين ئي ڪنديس، جيئن ماءُ منهنجي پرورش ڪئي.
هن چيو مان نه چاهينديس ته منهنجي ٻارن جي پرورش ميڊز (ڪنهن ٻئي جي هٿان) ٿئي، ڇو ته جيڪڏهن ميڊز منهنجي ٻارن کي پالينديون ته فطري طور ٻار به اهي ئي عادتون سکندا.
سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي ٻارن کي بهترين انسان بڻائينديس، زندگي ۾ اهو سڀ ڪجهه ڪنديس، جيڪو ڪرڻ جي خواهش آهي.
واضح رهي ته اداڪارا سارا خان گذريل مهيني ناليواري گلوڪار فلڪ شبير سان شادي ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔