ڪراچي جي مسئلن جي حل ۽ ترقي لاءِ وفاق ڀرپور ڪردار ادا ڪندو: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد : ڪراچي ۾ عوام کي ورهين کان پيش ايندڙ مسئلن کان واقف آهيون، عوام جي ڏکيائين تي اکيون بند نٿا ڪري سگهون، وزيراعظم عمران خان ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان جي موضوع سان ٿيل اجلاس ۾ خطاب دوران چيو آهي ته ڪراچي جي مسئلن جي حل ۽ ترقي لاءِ وفاق ڀرپور ڪردار ادا ڪندو، اجلاس ۾ وفاقي وزير اسد عمر، علي زيدي، گورنر عمران اسماعيل ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل شرڪت ڪئي، اجلاس دوران وزيراعظم کي ڪراچي ۾ پاڻي، نيڪال جي نظام، نالن جي صفائي، ڪچري ۽ ٽرانسپورٽ سوڌو ٻين مسئلن بابت بريفنگ، رٿابندي واري وزارت وزيراعظم کي ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان جي حوالي سان تفصيلي آگاهي ڏني، وزيراعظم طرفان سمورين لاڳالين پُرين سان صلاح مشورا ڪري فوري طور پلان کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔