ڪراچي ۾ چوماسي جو ستون اسپيل اڄ کان شروع ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي: ڪراچي شهر ۾ چوماسي جي برساتن جو ستون اسپيل اڄ کان شروع ٿيڻ جو امڪان آهي جڏهن ته گذريل طوفاني برساتن سبب هر پاسي رڳو مسئلا ئي مسئلا موجود آهن.

موسميات کاتي ڪراچي شهر ۾ هڪ ڀيرو وري اربن فلڊنگ جو خطرو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ،۽ سنڌ جا هيٺاهان علائقا وري پاڻي هيٺ اچڻ جو خدشو آهي.

گذريل برساتن کي چار ڏينهن گذرڻ باوجود برسات جو گندو پاڻي رستن ۽ انڊر پاسز ۾ موجود هئڻ ڪري شهرين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔