ڪلفٽن ڪنٽونٽمنٽ بورڊ کي ڪي ايم سي جي انتظام هيٺ ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي:وفاق ۾ ڪراچي جي حوالي سان اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي ،سي سي بي ڪلفٽن ڪنٽونٽمنٽ بورڊ کي ڪي ايم سي جي حوالي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو .

ذريعن موجب سي بي سي جي ايڊمنسٽريٽر کي هٽائي انتظام مڪمل طور تي ڪي ايم سي جي حوالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

ذريعن موجب گذريل ڏينهن ڪراچي جي حوالي سان وفاق پاران اهم پيڪيج ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو هو ، جنهن ۾ اهو طئي ڪئي ويو هو ته ڪراچي کي هڪ تمام وڏو ڊويلپمنٽ پيڪيج ڏنو ويندو.

اطلاعن موجب ڪراچي لاءِ ايندڙ ايڊمنٽسٽريٽر کي مقرر ڪرڻ لاءِ سنڌ سان گڏ وفاق جي راءِ به شامل هوندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔