جاپان ۾ اڏامندڙ ڪار جو ڪامياب تجربو

ٽوڪيو: جاپان پاران ٺاهيل دنيا جي سڀني کان ننڍي اڏامندڙ ڪار جي ڪامياب آزمائشي پرواز ڪئي وئي آهي.
تفصيل موجب جاپاني ڪمپني اسڪائي ڊرائيو دنيا جي سڀني کان ننڍي اڏامندڙ ڪار جي ڪامياب تجربو ڪيو ويو، جنهن ۾ هڪ ماڻهو پڻ سوار هو.
اسڪائي ڊرائيو پهرين ڪمپني ناهي جنهن فلائنگ ڪار ٺاهڻ واري منصوبي تي ڪم ڪيو. سموري دنيا جون ڪيتريون ڪمپنيون هن منصوبي تي ڪم ڪري رهيون آهن ، پر جاپاني ڪمپني پهريون ڪامياب عملي تجربو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي
جاپاني ڪمپني جي مطابق ، ڪار اڃا تائين 10 منٽن تائين اڏامي چڪي آهي ۽ اهي ان کي گهٽ ۾ گهٽ 30 منٽن تائين پهچائڻ جو ارادو رکن ٿا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔