ڏکڻ وزيرستان: سرچ آپريشن دوران 3 جوان شهيد، 4 زخمي

اسلام  آباد: خيبرپختونخواه صوبي جي ضلعي ڏکڻ وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز جي سرچ آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز جا 3 جوان شهيد ٿي ويا آهن جڏهن ته چار زخمي ٿي پيا آهن.

پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب سرچ آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز جا ٽي جوان شهيد ٿي ويا آهن جڏهن ته چار زخمي ٿيا آهن .

آءِ ايس پي آر موجب شهيد جوانن ۾ صوبيدار نديم، سپاهي سليم ۽ لائنس نائڪ مصور شامل آهن .

آءِ ايس پي آر موجب زخمي فوجي جوانن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي سندن علاج جاري آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔