وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان هر ممڪن سهڪارڪندي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيوآهي ته عوام کي پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت سان هر ممڪن سهڪار ڪندي.

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪورونا جي باري ۾ قومي رابطا ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي وزير سميت ٻين صوبن جي وڏن وزيرن ويڊيو لنڪ وسيلي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي .

پڌرائي ۾ چيو ويو ته وزيراعظم عمران خان سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ڪراچي جي حالتن جي حُوالي سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته هو سنڌ حڪومت سان هر ممڪن سهڪار ڪندا .

وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪراچي ۾ برسات سان ٿيندڙ تباهي ۽ عوام کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل ۾ هو سهڪار ڪندا .

هن چيو ته ڪراچي ۾ ريليف سرگرمين جي لاءِ مڙني وفاقي وزيرن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن .

وزيراعظم چيو ته ڪراچي جي مسئلن جي حل لاءِ ڊگهي مدي وارو پلان جوڙيو ويندو ،ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ هو پاڻ ڪراچي وڃي حالتن جو جائزو وٺندو.

اجلاس ۾ محرم الحرام دوران ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ جي باري ۾ اپائن بابت کيس بريفنگ ڏني وئي

بريفنگ دوران اسڪولن ۾ تعليمي سرگرمين جي بحالي، ٽيسٽنگ ، ٽريڪنگ، ڪوآرنٽين اسٽريٽجي تي عملدرآمد بابت اجلاس کي ٻڌايو ويو .

سياحت جي باري ۾ ٽيسٽنگ جي حڪمت عملي ۽ مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي تي اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ۽ ٻڌايو ويو ته ڪورونا کان بچاءُ خلاف پاڪستان جي حڪمت عملي کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو آهي .

اجلاس ۾ محرم الحرام دوران مجلسن ۽ جلوسن جي باري ۾ ايس او پيز تي عمل ڪرائڻ بابت به بريفنگ ڏني وئي .

وزيراعظم عمران خان چيو ته موثر رابطي ۽ جامع حڪمت عملي جي ڪري ڪورونا جي خلاف ڪاميابي ملي ، حڪومتي ڪاوشن ۽ حڪمت عملي جي ڪري ڪورونا کي روڪيو ويو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔