هلندڙ برساتن ۾ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ 80 ماڻهو فوت ٿيا آهن: وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي: سڄي سنڌ ۾ هاڻوڪي چوماسي جي برساتن سبب 80 ماڻهو فوت ٿيا جن مان 47 جو تعلق ڪراچي شهر سان آهي .

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس کي خطاب ۾ انهن فوتگين جي تصديق ٿي ۽ چيو ته ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن جهڙي برسات اڳ ڪڏهن نه ڏٺي آهي .

هن چيو ته گذريل رات شهر جي دوري دوران پاڻي ۾ ٻڏڻ جي ڪري گاڏي بدلائڻي پئي ،هن چيو ته چيلهه تائين پاڻي مان لنگهي نڪرڻو پيو

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هن سنڌ جي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته هو برسات سبب ٿيل نقصان جو ڪاٿو لڳائي ته جيئن متاثرن جي مدد ڪري سگهجي

هن چيو ته حڪومت نقصان جو ازالو ڪندي،وفاق کي درخواست ڪندا ته ان سلسلي ۾ سندن مدد ڪري .

سندس چوڻ هو ته جڏهن وفاق مدد جي ڳالهه ڪري ٿو ته ائين مدد ڪري جيئن آصف علي زرداري ڪم ڪرڻ جو اختيار سنڌ حڪومت کي ڏنو هو ، ائين نه ٿئي ته وفاق مدد ڪري ۽ گڏو گڏ اختياربه گهري وٺي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔