ڪراچي ۾ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ آرمي جو فلڊ ايمرجنسي ڪنٽرول سينٽر قائم

ڪراچي: ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ واري ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ آرمي فنڊ ايمرجنسي ڪنٽرول سينٽر قائم ڪري ڇڏيو آهي .

ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سخت برساتن جو سلسلو جاري آهي ، برساتن سبب ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ ماڻهو هڪ جاءِ تي بند ٿي ويا آهن .

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب شهر ۾ 36 جاين تي پاڻي ڪڍڻ وارو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي ، جڏهن ته ڪراچي جي علائقن گلبرگ، لياقت آباد ۽ نيو ڪراچي ۾ ميڊيڪل ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن .

پاڪ فوج جي عام تعلقاتن واري شعبي موجب ناردرن باءِ پاس ويجهو ايم نائن تي بند کي محفوظ ڪيو ويو آهي جڏهن ته قائدآباد ويجهو فوجي جوانن ملير ندي جو گهارو به بند ڪري ڇڏيو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔