جوھي ۾ نئين گاج ٻيھروَهي ڇُڙي، ٻوڏ واري صورتحال، ڪيترن ئي ڳوٺن جو رابطو ڪٽجي ويو،ايف پي بند تي فوج مقرر

ڪراچي: جوھي تعلقي ۾ نئين گاج ٻيھر ڪاڇي ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي، 8 يونين ڪائونسلن جي 200 کان وڌيڪ ڳوٺن جو تعلقي ۽ ضلع ھيڊ ڪوارٽر سان زميني رابطو ڪٽجي ويو، ايف پي بند تي فوج مقرر. ان ڏس ۾ نئين گاج ۾ ٻيھر 20 فوٽ پاڻي جو وھڪرو اچڻ سبب ڪاڇي جي يونين ڪائونسل ڇني، شاھ حسن، ٽنڊو رحيم خان، ساوڙو، واھي پانڌي، ڊرگھه بالا، پٽ گل محمد ۽ ٽوڙ ۾ وڏي تباھي اچي وئي آهي ۽ علائقي جي ڪيٽي سجاول، ڪيٽي وسڻ، جمع لغاري، شڪلاڻي لنڊ، ھارون لنڊ، چاڪر ڪوٽ، جلب ديرو، حسن گرماڻي ۽ ننگر داريو سميت 100 کان وڌيڪ ڳوٺن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي، جتي سوين خاندانن جا ڪچا گھر ڊھي پٽ پئجي ويا آهن. هوڏانهن 8 يونين ڪائونسلن جي چئن مين روڊن حاجي خان، واھي پانڌي، قصبو ۽ ڇني سميت 30 ننڍا وڏا روڊ ٽٽي ويا آهن، جتي ماڻھن جي ھڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ ۽ شھرن تائين اچ وڃ بند ٿي وئي آھي. نئين گاج جي پاڻي وھڪرن سبب ڪاڇي ۾ ٻيو ڀيرو سرڪاري طور تي وڏي ٻوڏ ظاھر ڪئي وئي آھي، جڏهن ته ان کان اڳ 8 آگسٽ تي بلوچستان جي خضدار ضلعي مان وڏو وھڪرو جوھي ۾ ٻوڏ برپا ڪئي ۽ ٻيو ڀيرو گذريل رات دير سان 20 فوٽ پاڻي جو وھڪرو رڪارڊ ڪيو ويو، جتي آبپاشي اختيارين موجب 2 لک ڪيوسڪ جو پاڻي گذريو آھي، پاڻي جو وھڪرو نئين گاج ڊئوريشن بند جي 36 سئو فوٽ جي گھاري مان ڊرگھه بالا، حاجي خان، ٻيو وھڪرو نئين سول ۽ ٽيون وھڪرو نئين سڪ ذريعي ايف پي بند تي پھتو آهي، جتي بند تي پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو آهي. ٻوڏ واري صورتحال سبب آبپاشي کاتي وڏي مشينري طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته ڊي سي دادو ۽ پاڪ فوج جي جوانن ايف پي بند تي ڪئمپ قائم ڪري ورتي آھي. اطلاعن موجب ايف پي بند کي آر ڊي 50 قريشي جي بورنگ وٽان ٻه روڻيون پيون جن کي بند ڪيو ويو آھي، ٻوڏ بابت دادو ضلعي جي فوڪل پرسن فياض ٻٽ موجب تمام وڏي ٻوڏ آھي، حفاظتي انتظام مڪمل آھن. هاڻوڪين برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال باوجود انتظاميا متاثر علائقن جي رهواسين جي ڪا به سار ناهي لڌي، جنهن ڪري ڳوٺاڻا سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔