آرمي چيف پاران پي ايڇ ايف کي 5 ڪروڙ ڏيڻ جو واعدو

راولپنڊي: آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ملڪ ۾ هاڪي جي بهتري لاءِ پاڪستان هاڪي فيڊريشن (پي ايڇ ايف) کي 5 ڪروڙ روپيا ڏيڻ جو يقين ڏياريو.

پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي موجب آرمي چيف سان پي ايڇ ايف جي صدر خالد سجاد کوکر ملاقات ڪئي.

آءِ ايس اي پي آر موجب بريگڊيئر رٽائرڊ خالد سجاد کوکر هاڪي جي بحالي وارن قدمن تي بريفنگ ڏني.

عام لاڳاپن واري شعبي موجب آرمي چيف قمر جاويد باجوه چيو آهي ته فوج هاڪي سميت ٻين راندين جي ترقي لاءِ حمايت ڪئي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب جنرل قمر جاويد باجوه پي ايڇ ايف لاءِ آرمي ويلفيئر مان 5 ڪروڙ روپيا ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔