سنڌ حڪومت اجلاسن کان وڌيڪ ڪم ڏانهن ڌيان ڏئي: علي زيدي

ڪراچي :وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته سنڌ حڪومت اجلاسن کان وڌيڪ ڪم ڏانهن ڌيان ڏئي، 2 سالن کان ڪراچي جي حالتن تي گوڙ متل آهي. ملير ۾ بند کي پيل گھاري واري هنڌ جو دورو ڪرڻ وقت ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ حڪومت 12 سالن کان صوبي تي حڪومت ڪري پئي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته قدم کنيو وڃي. هن چيو ته ايستائين مشاورتي ڪاميٽي جو ميمبر رهندس، جيستائين معاملا مشاورت سان حل ٿيندا. هن چيو ته آئون ڪراچي کانپوءِ هاڻي بدين وڃي رهيو آهيان ڇاڪاڻ ته ميڊيا تي ڪراچي کانسواءِ سنڌ جي ٻين علائقن جا مسئلا نه ايندا آهن انڪري اتي گهٽ ڌيان ڏنو ويندو آهي. ٻئي پاسي پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان چيو آهي ته صوبي جي حالت خراب آهي، برساتن سبب ٿيل تباهين باوجود مڪاني ادارن وارو وزير ناصر شااهه رڳو شاهراھ فيصل تي گھمندو رهيو. ملير ندي جي ڀرپاسي ۾ چائنا ڪٽنگ ٿي، جنهن سبب جيالا ڪروڙ پتي ٿي ويا، ملير جي جيالن جا بينڪ اڪائونٽ چيڪ ڪيا وڃن. ۾ انصاف هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته بدين ٻُڏي ويو، ميرپورخاص ۾ تباهي آئي ، ڪراچي جي علائقن ملير، لانڍي، مهراڻ ٽائون، سمون ڳوٺ، لاسي ڳوٺ ۾ تباهيون ٿيون. پيپلز پارٽي جا نالائق وزير ۽ وڏو وزير ٻڌائين ته 12 سالن اندر هُنن پنهنجي حڪمراني ۾ ڪهڙا ڪم ڪيا؟ هن چيو ته سڄو شهر ٻُڏي رهيو آهي پر بلاول هائوس ۽ وزيراعليٰ هائوس اڳيان پاڻي ناهي. هن چيو ته ايڊمنسٽريٽر اهڙي شخص کي لڳايو پيو وڃي، جيڪو حڪومتي ٽيم جو حصو آهي. خرم شير زمان چيو ته اسان رڳو ڪراچي نه پر پوري سنڌ جي ڳالهه ڪريون پيا، سڄي صوبي جي حالت خراب آهي. يوسف ڳوٺ ۾ تباهي آئي پر وڏو وزير اڃا اتي ناهي ويو، ڇاڪاڻ ته ڪراچي مان پ پ کي ووٽ ناهي مليو. هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ ويڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي مان اميد آهي ته بهتر ڪم ٿيندو. اسانکي ٻڌايو وڃي ته نالا صاف ڇو نه پيا ڪرايا وڃن ۽ حددخليون ڇو نه ٿيون هٽايون وڃن؟ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ حڪومت برساتن ۾ ڪراچي کي لاوارث ڇڏي ڏنو آهي، رليف جو اعلان ڪيو وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔