بلاول ڀٽو زرداري جو وڏي وزير سان فون تي رابطو،برسات بعد امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان فون تي رابطو ڪري برسات بعد امدادي ڪاررواين کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت قدرتي آفتن کان متاثر صوبي جي شهرين کي فوري طور ريليف فراهم ڪري. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ سرڪاري صوبي ۾ برسات دوران سرڪاري توڙي نجي ادارن کي ٿيل نقصان جو سروي ڪرائي، پوري سنڌ ۾ امدادي ڪم کي تيز ڪيو وڃي، برسات دوران ٽٽل روڊن رستن جو مرمتي ڪم ڪرايو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته برساتن سبب سنڌ ۾ آبادگارن جو وڏو نقصان ٿيو آهي، زراعت شعبو معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي آهي، سنڌ سرڪار ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ وفاقي سرڪار سان رابطو ڪري امداد طلب ڪري، اميد آهي ته وفاق صوبي جي عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔