برسات پوڻ سبب شهر جي بُنيادي ڍانچي کي شديد نقصان ٿيو آهي: وڏو وزير مراد علي شاهه

ڪراچي:وڏي وزير مراد علي شاهه نرسري، نارٿ ناظم آباد، راشد منهاس روڊ ۽ ملير ندي سوڌو ٻين علائقن جا دورا، حڪومتي عملدارن طرفان برسات دوران ٿيل نقصان بابت وڏي وزير کي بريفنگ ڏني وئي، وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي ۾ گذريل ڏينهن مجموعي طور پوڻا 600 ملي ميٽر برسات پوڻ سبب شهر جي بُنيادي ڍانچي کي شديد نقصان ٿيو آهي، اڪثر رستن تان پاڻي نيڪال ڪرڻ سان گڏ متاثر علائقن ۾ گهرن تائين امدادي سامان پهچايو پيو وڃي، ماڻهو رليف ڪئمپس بدران گهرن ۾ ئي رهڻ پسند ڪن ٿا، ڪراچي ۾ سڀ کان وڏو مسئلو بجلي جي عدم فراهمي ۽ مواصلاتي نظام جو ڊانواڊول ٿيڻ آهي، آءِ آءِ چندريگر روڊ تي قائم آفيسز طرفان نالا بند ڪرڻ سبب پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ پريشانيون ٿي رهيون آهن، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي ۾ برسات جي تباهي دوران شهرين کي پيش آيل پريشاني کان وفاقي سرڪار واقف آهي، اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته متاثر علائقن ۾ فوري طور تي رليف آپريشن ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔