ڪراچي سميت پوري ملڪ ۾ اٺ محرم الحرام جا جلوس برآمد

ڪراچي: ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ 8 محرم الحرام جا جلوس برآمد ٿيا، ان دوران سيڪيورٽي جا ڀرپور انتظام ڪيا ويا.

ڪراچي ۾ جلوس جي رستن ۾ ڪيترن ئي جاين تي برسات جو پاڻي جمع هئڻ ڪري عزادارن کي پريشاني جو منهن ڏسڻو پيو.

جلوس کي نظر ۾ رکندي صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ، کارادر، ايم اي جناح روڊ، پيپلز چورنگي، ريڊيو پاڪستان سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ موبائل سنگنل بند رهيا.

جلوس جي روٽ ۾ ايندڙ سمورن رستن ۽ گهٽين کي ڪنٽينر ۽ قناتون هڻي سيل ڪيو ويو.

ان کان علاوه جلوس جي سيڪيورٽي لاءِ سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي مدد سان نگراني ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته عمارتن تي شاپ شوٽرز مقرر ڪيا ويا آهن.

ان سلسلي ۾ پوليس ۽ رينجرز سميت ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جلوس جي رستن تي مقرر ڪراچي پوليس جا 2838 پوليس آفيسر ۽ جوان 8 محرالحرام جي جلوسن ۽ مجسلن جي سيڪيورٽي لاءِ مختلف جاين تي پنهنجا فرض انجام ڏئي رهيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔