ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 29 ڄڻا فوت

ڪراچي : ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ برسات دوران حادثن ۽ واقعن جي نتيجي ۾ ٻارن سوڌو 13 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، ڪراچي جي سچل ڳوٺ ڀرسان پيءُ پُٽ سوڌو 3 ڄڻا نالي ۾ ٻڏي ويا، پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمون ٽنهي ڄڻن جي ڳولا ۾ رڌل آهن، پوليس چيو آهي ته پيءُ پُٽ نالي ۾ ٻڏي ويا ته هڪ شهري کين بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اُهو به پاڻي ۾ لڙهي ويو، پنجاب چورنگي ڀرسان انڊر پاس ۾ هڪ ڄڻو ٻڏي فوت، لاش هٿ، نارٿ ناظم آباد ۾ نالي مان نوجوان جو لاش هٿ، همايون شريف ڀرسان ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ علي رضا ڪٽپر فوت، هالاڻي جي اعواڻ پاڙي ۾ مسجد جي بجلي ٺاهڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب نينگر ڪاشف سولنگي حياتي وڃائي ويٺو، لاڙڪاڻو جي نذر پاڙي ۾ بجلي جي تار پورهيتن مٿان ڪري پئي، پورهيت علي رضا ۽ سبحان الله ڏيٿو فوت ٿي ويا، نواب ولي محمد ڀرسان ڪريم آباد ۾ برسات سبب گهر جي ڀِٽ ڪري پئي، نينگري عاصمه مُهل فوت، نواب ولي محمد ڀرسان ڳوٺ حاجي احمد ڦُج ۾ نينگر مومن برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت، ڪڙيو گهنور ڀرسان گوني ڪئنال ۾ اڌڙوٽ شخص لکو ملاح ٻڏي فوت، پيرونمل ڀرسان ڳوٺ علي خان جوڻيجو ۾ تيز برسات دوران ڀِت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڀاءُ ڀيڻ دٻجي فوت، علائقي واسين نينگر ۽ نينگري جا لاش ڪڍي ورتا، گهر ۾ ڪهرام برپا ٿي ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔