هانگ ڪانگ: ڪورونا جا مريض صحتيابي کان پوءِ ٻيهر وائرس ۾ مبتلا

هانگ ڪانگ: هانگ ڪانگ ۾ ڪورونا سبب صحتياب مريضن ۾ پهريون ڀيرو ٻيهر وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي.ماهرين موجب متاثر مريض چار مهينا اڳ ڪورونا جي مرض مان مڪمل صحتياب ٿي ويا هئا. هانگ ڪانگ ۾ 33 ساله شهري کي اپريل ۾ ڪورونا 19 مان صحتياب قرار ڏئي اسپتال مان واپس موڪلي ڇڏيو هو پر ان جو 15 آگسٽ تي اسپين کان برطانيه واپسي تي ٻيهر ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي. صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته اڃان ڪنهن به حتمي نتيجي تي نه پهچايو وڃي. صرف هڪ مريض جي ڪورونا ۾ ٻيهر مبتلا ٿيڻ تي ڪابه حتمي راءِ قائم نٿي ڪري سگهجي.ڪورونا ۾ ٻيهر مبتلا ٿيڻ جا ڪيس تمام گهٽ آهن ۽ ضروري ناهي ته هي موذي ثابت ٿئي. ڪورونا سبب متاثر ماڻهن ۾ اينٽي باڊيز پيدا ٿيندي آهي جيڪا هن وائرس کي ٻيهر جسم ۾ پکڙجڻ کان روڪي ٿي. طبي ميگزين ڪلينيڪل انفيڪيشن ڊيزيز ۾ شايع ٿيڻ جي لاءِ منظور ٿيل تحقيقي پرچي ۾ چيو ويو آهي ته مريض ان کان اڳ صحتمند هئا.هن جو چوڻ هو ته هو پهريون ڀيرو شڪار ٿيندڙ مختلف وائرس جي قسمن مان هڪ مان متاثر ٿيو ۽ ٻيون ڀيرو متاثر ٿيڻ جي لاءِ لاڳيتو نشانيون موجود آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔