ليونل ميسي پاران بارسلونا ڪلب ڇڏڻ جو فيصلو

بيونوس آئرس:ارجنٽائن جي اسٽار فٽبالر ليونل ميسي بارسلونا ڪلب ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
بارسلونا انتظاميا به ان جي تصديق ڪئي آهي ته ارجنٽينا جي فٽبالر باضابطه طور ڪلب ڇڏڻ واري فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
ميسي پاران ڪلب ڇڏڻ جي سببن جي خبر نه پئجي سگهي آهي پر چيو پيو وڃي ته ميسي چيمپئنزليگ جي ڪوارٽر فائنل ۾ بدترين شڪست کانپوءِ ڪلب ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ليونل ميسي گذريل 20 سالن کان بارسلونا سان واڳيل رهيو آهي ۽ ڪلب جو ڪپتان به آهي.
ليونل ميسي بارسلونا سان 20 سالن جو لاڳاپو ٽوڙڻ کانپوءِ ڪيڏانهن ويندو ان حوالي سان اڃان ڪا تصديق نه ٿي سگهي آهي پر ميڊيا تي اندازو ڪيو پيو وڃي ته مانچسٽر يونائٽڊ ميسي جو نئون ڪلب ٿي سگهي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔